ٽمون کارو

ٽمون کارو: ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقي ساماري ۾ هڪ ديهه جو نالو. قديم دور ۾ وهندڙ ’ڍوري‘ جي ٻن پاسن کان، ساماري، عمرڪوٽ روڊ لڳ، ٻه ديهون آهن: هڪ اولهه طرف، ٻي اوڀر طرف. اوڀر طرف جي ديهه ”ٽِمون مِٺو‘ سڏجي ٿي ۽ اولهه طرف جي ديهه ’ٽمون کارو‘ سڏجي ٿي. ٽمون ’کوهه‘ کي چئبو آهي. چون ٿا ته اڳي هتي گهڻا کوهه هوندا هئا، جي اولهه طرف هئا ۽ بيحد کارا هوندا هئا. ان ڪري هن ديهه جو نالو ئي ’ٽمون کارو‘ پئجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو